بابا گرپت صاحب

بابا گرپت، گرونانڪ ديو جي پندرهين پيڙهيءَ مان هو. سندس والد جو نالو سترام هو. هو پنجاب کان سنڌ جي شهر، خيرپورميرس ۾ آيو ۽ شهر جي ٻاهران اچي ديرو دمايائين. ساڻس گڏ ڪيترائي سنت هئا، جن مان هرپرڪاش وڏي مرتبي وارو هو. هر پرڪاش جي وفات کان پوءِ هرڀڄنداس گاديءَ تي ويٺو. هرڀڄنداس 1919ع ۾ وفات ڪئي ۽ پوءِ گاديءَ تي ٻائو جيرامداس ويٺو. هي سڀ بابا گرپت جا سنت سڏبا آهن. بابا گرپت صاحب، خيرپورميرس ۽ حيدرآباد ۾ وڏيون درٻارون قائم ڪيون، جتي سوين ساڌو، سنت ۽ نانگا اچي رهندا هئا. گرپت صاحب جي درٻارن تي ڪي نشانيون اڃا تائين رکيل آهن. ورهاڱي کان پوءِ جيرامداس ۽ ٻائو ڪرڻداس، هندستان لڏي ويا. هنن پوءِ پوني ۽ بمبئيءَ ۾ درٻارون قائم ڪيون. ڪرڻداس ڊسمبر 1956ع ۾ گذاري ويو.


لفظ بابا گرپت صاحبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو